احياءُ علوم الدين

احياءُ علوم الدين (ڪتاب ): هن ڪتاب جو مصنف اسلامي دنيا جو مشهور عالم امام غزالي آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو غلام اصغر ونڊير ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب رايل سائيز ۾ ڇپيل آهي، جيڪو 109 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت اڍائي رپيا لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ 154 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ جلد، جمالي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1961ع ۾ ڇپيو.هن ڪتاب جي جلد ٽئين ۾ 79 صفحا آهن، جنهن جي قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ جلد تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي جلد پنجين ۾ 112 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ ڇاپو تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي جلد ستين ۾ 120 صفحا آهن، ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو هيءُ جلد به تاج محل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1962ع ۾ ڇپيو.


لفظ احياءُ علوم الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو